سـنـڌ جـي فتـح ڀاڱو پهريون

سـنـڌ جـي فتـح ڀاڱو پهريون

سـنـڌ جـي فتـح ڀاڱو پهريون

سـنـڌ جـي فتـح ڀاڱو پهريون

سـنـڌ جـي فتـح ڀاڱو پهريون

سـنـڌ جـي فتـح ڀاڱو پهريون

سـنـڌ جـي فتـح ڀاڱو پهريون

سـنـڌ جـي فتـح ڀاڱو پهريون

سنڌ جي فتح ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو ڪتاب

سـنـڌ جـي فتـح (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو: ڪتاب): ’سـنڌ جي فتح‘ (Conquest of Scinde) جي نالي سان هي ڪتاب، اصل انگريزيءَ ۾، چارلس نيپئر جي ڀاءُ ميجر جنرل ڊبليو. ايف. پي نيپئر (عرف عام وليم نيپئر) لکيو آهي. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سومار علي سومري ڪيو آهي. ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. وليم نيپئر هيءَ ڪتاب، چارلس نيپئر جي سنڌ ملڪ تي قبضي ڪرڻ واري بيحد ظالماني قدم خلاف خود انگلنڊ ۾ اُٿندڙ آواز جي خلاف لکيو هو. هن نيپئر کي ”رحمدل، ظلم ۽ خود غرضيءَ واري زيادتيءَ کان نفرت ڪندڙ انسان“ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ايئن ڪندي هن انگريزن جي ’مهذب‘ قوم کي ٻين ’وحشي‘ ۽ ’اڻ سڌريل‘ قومن کي ’انسان‘ بنائڻ جو ٺيڪيدار ثابت ڪرڻ جي هيٺين لفظن ۾ ڪوشش ڪئي آهي:
”سنڌ جي فتح هڪ، منصفانه جنگ جي نتيجي ۾ حاصل ڪئي وئي جيڪا انسانذات لاءِ انتهائي مفيد ۽ هندستان انگريزن جي لوڏي ۾ آيل فوجي شهرت جي بحاليءَ لاءِ فائديمند هئي.“
ان ڪري وليم نيپئر ڪتاب جو نالو ئي رکيو هو: ”سنڌ جي فتح ۽ ميجر جنرل سر چارلس جيمس نيپئر جي زندگيءَ بابت ڪجهه تعارفي اقتباس، برطانوي عوام جي نالي منسوب ڪيل.“
هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ڇهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن جا سنڌي ادبي بورڊ مارچ 1993ع ۽ 2007ع ۾ ٻه ڇاپا ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. ٻئي ڇاپي جي قيمت 120 روپيا آهي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي جا ٻه ڇاپا 1994ع ۽ 2007ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن ۽ ٻئي ڀاڱي جي قيمت 160 روپيا آهي.
وليم نيپئر، ’سـنڌ جي فتح‘، ٻئي ڀاڱي جي ابتدا ۾ لکي ٿو ته، ”’سنڌ جي فتح‘ (ڪتاب) جي ٻئي حصي سان سموريون فوجي ۽ سياسي نوعيت جون ڪارروايون مڪمل ٿين ٿيون. مصنف جو خيال هو ته هن سلسلي جو ٽيون يا انتظامي ڀاڱو به شايع ڪيو وڃي، پر اها رٿا ترڪ ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته سر چارلس نيپئر جي سنڌ ۾ حڪومت اڃا هلي رهي آهي ۽ جيئن ته اها گڏيل سڏيل نوعيت جي آهي، ان ڪري انهي موضوع تي هڪ جدا مڪمل جلد لکيو ويندو.“ (مئي 1845ع: ڊبليو نيپئر).
سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري اعجاز احمد منگي، ٻئي ڀاڱي جي ٻئي ڇاپي (2007ع) ۾ لکي ٿو ته ’سنڌ جي فتح‘ (ٻيو ڀاڱو) ان حساب سان تمام اهم ڪتاب آهي ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ تمام لاڀائتو آهي ته سنڌ جي تاريخ تي لکيل هي ڪتاب، سنڌي ماڻهن جي حب الوطني، اورچائيءَ سان گڏ سنڌين جي سادگي، سنڌين جون رسمون ۽ رواج، مطلب ته سنڌ جي جاگرافيائي ۽ سماجي صورتحال جو جائزو پيش ڪري ٿو.
ٻيو ڀاڱو، اٺن بابن ۽ 9 ضميمن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ڊيمي سائيز جي 240 ۽ ٻيو ڀاڱو 412 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو